ديبا ڪنول

ديبا ڪنول

ديبا ڪنول

ديبا ڪنول: گلوڪاره ديبا ڪنول پهرين آڪٽوبر 1982ع تي بدين ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو امير بخش آهي. راڳ جي شروعاتي تعليم پنهنجي والد امير بخش کان حاصل ڪيائين. ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا مرحوم استاد علي نواز خان ۽ موسيقار (مرحوم) امانت گل کان ورتائين. ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد تي کيس سنڌ جي ناليواري طبلي نواز استاد منور علي خان (مرحوم) وٺـي آيــو، جـتـي نـصيــر مــرزا کيس رڪــارڊ ڪــري مـتـعـارف ڪـرايـو. پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي 2009ع ۾ کيس سميع بلوچ متعارف ڪرايو. ديبا ڪنول سنڌ جي خوبصورت گلوڪاره آهي، جنهن ٿوري عرصي ۾ تمام وڏو نالو ڪمايو آهي، هوءَ ڪيترن ئي سنڌي نجي چئنلن تي به ڳائي چڪي آهي. ثقافت کاتي پاران اسلام آباد، لاهور ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. ديبا ڪنول جون هن وقت تائين ٽيهن کان مٿي آڊيو ۽ وڊيو ڪيسيٽون رليز ٿي چڪيون آهن، جيڪي سجاد يوسف، اسلم اقبال، راشد حسين، ماسٽر ولي، حيدر علي سان گڏ رڪارڊ ٿيل آهن. ديبا ڪنول جي شادي ڍولڪ نواز جاويد علي سان ٿيل آهي.


لفظ ديبا ڪنولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو